سنڌ جي سوڍن راجپوتن جي اتهاس جي هڪ جھلڪ

سنڌ جي سوڍن راجپوتن جي اتهاس جي هڪ جھلڪ

سنڌ جي سوڍن راجپوتن جي اتهاس جي هڪ جھلڪ

سنڌ جي سوڍن راجپوتن جي اتهاس جي هڪ جھلڪ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب پروفيسر شيام داس جوشيءَ جو تحرير ڪيل آهي، جنهن ۾سنڌ جي راجپوت سوڍن جي تاريخ بيان ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته هن خاندان وارا اصل سنڌ جا برهمڻ آهن، جيڪي اصل نگر ٺٽي ۾ ويٺل هئا ۽ اهي سوڍن جا ڪُل گرو هئا. هي پشڪرڻا جاتيءَ جا چهوٽيا جوشي برهمڻ ان وقت ٿرپارڪر جي علائقي ۾ لڏي آيا هئا، جڏهن سوڍا عمرڪوٽ جا حاڪم هئا. سوڍن جي هڪ راڻي هميرسنگھه، پشڪرڻن برهمڻن جو قتلام ڪرايو هو، جنهن کانپوءِ پشڪرڻن برهمڻن، سوڍن سان واسطو ٽوڙي ڇڏيو.
هن ڪتاب ۾ شيامداس جوشيءَ اهو به ڄاڻايو آهي ته هن کي تازو ڪنهن سوڍي نوجوان وٽان ڪنهن چارڻ ڪويءَ جو ڪوتا ۾ لکيل ڪتاب ’سوڍايڻ‘ مليو آهي، جنهن ۾ سوڍن جي تاريخ بابت ڪي حقيـقتـون مـوجـود هيون، جن جي بنياد تي هن سوڍن جي قديـم تاريـخ بابت هڪ مضمون تيار ڪيو ته جيئن سوڍا پنهنجي اصل حيثيت کان واقف ٿين ۽ پنهنجي اصلي ڪل گرو جاتيءَ جو قدر ڪن.
هي ڪتاب شيام سندر رليجس بوڪ ٽرسٽ، مٺيءَ پاران 2011ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 40 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيـمت 80 روپيـا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو